اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ سي پ??ڪ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??ين?? قيادت جي ويزن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان چين سان انفارمي??ن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر ??ين?? سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين?? سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پ??رو لٿي آهي، چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو غيرمشروط س??ٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ج?? اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ??ين?? قيادت جو ويزن ساراهه ج??ڳو آهي، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان انفارمي??ن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.