ل??هو??-28 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته واپاري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، ملڪي معيشت ۾ واپاري برادري جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پاڪستان ۾ معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان وڏا موقعا موجود آهن جڏهن ته اسان کي نااُميد نه ٿيڻ گ??رجي، اسان سڀني کي گڏ ٿي ملڪ کي اڳيان وٺي هلڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي ل??هو?? چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چيمبر جي صدر ڪاشف انور، سينيئر نائب صدر ظفر محمود چوڌري، پ پ جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ ۽ صنعتڪارن جو وڏو انگ موجود هو. گورنر چيو ته ل??هو?? چيمبر تاريخي چيمبر آهي، هتي ٿيل مختلف ايونٽس مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. هن چيو ته هتي پهچي تمام خوشي ٿي، ل??هو?? چيمبر جو ملڪي معيشت ۾ وڏو ڪردار آهي. بجلي جي قيمتن جي حوالي سان گورنر چيو ته سڀ کان اهم مسئلو آءِ پي پيز کان مهانگي بجلي خريدڻ آهي، اسان موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، شمسي توانائي جا منصوبا وقت جي اهم ضرورت آهن، ماضيءَ ۾ هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڌيان نه ڏنو ويو، تربيلا کانپوءِ ان ليول جو ڪو ڊيم نه بڻجي سگهيو، محدود مُدي ??اء?? عوام کي رليف ڏيڻ ??اء?? آءِ پي پيز تي ڀاڙڻو پيو جنهن سبب مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته هائيڊل پاور پراجيڪٽ ??اء?? ڊگهو انتظار ڪرڻو پوندو آهي پر عوام ايترو عرصو انتظار نٿو ڪري سگهي، سياستدانن مٿان مسئلا حل ڪرڻ ??اء?? دٻاءُ هوندو آهي جنهن سبب شارٽ ٽرم رٿائن طر?? وڃڻو پوندو آهي، ملڪ ۾ نَوان ڊيم ٺاهي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ سولرائزيشن جي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، حڪومت سولر انرجي جي فراهميءَ ??اء?? هر ممڪن رليف ڏئي رهي آهي. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي ضرور هئڻ گ??رجي، سرمائيدارن ۽ واپارين کي سازگار ماحول جي فراهميءَ ??اء?? قدم کڻڻا پوندا. انڪم ٽيڪس جي حوالي سان هن چيو ته پگهاردار طبقي تي هر سال ٽيڪس جو بار وڌي رهيو آهي، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ٽيڪس جو نظام آسان بڻائڻ ??اء?? ڪيترائي مسئلا آڏو اچي سگهن ٿا. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ڪي قدرتي وسيلن کان مالامال آهي، جتان گيس ۽ پيٽرول وڏي مقدار ۾ نڪري ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ بجلي به هتان ئي پيدا ٿئي ٿي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تماڪ به اسان پيدا ڪريون ٿا، ان ??اء?? جيڪو صوبو سٺو ڪم ڪري رهيو هجي باقي صوبن کي به ان جي تعريف ڪرڻ گ??رجي. دهشتگرديءَ جي حوالي سان هن چيو ته اسان پاڙيسري کي تبديل نٿا ڪري سگهون، افغانستان سان اسان کي سٺا لاڳاپا رکڻا پوندا اها اسان جي مجبوري آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي، اسان کي نوجوانن کي اسپورٽس طرف آڻڻو پوندو ته جيئن صحتمند سرگرمين کي هٿي ملي سگهي، ان سلسلي ۾ حڪومت اسپورٽس ۾ نوجوانن جي مدد ڪندي. ارشد نديم جي حوالي سان هن چيو ته شروعاتي طور هن راند کي ڪنهن به پروموٽ ناهي ڪيو پر جڏهن ڪو رانديگر ڪامياب ٿيندو آهي ته سڀ ان جي حوصلا افزائي ??اء?? سامهون اچي ويندا آهن، اسان کي رانديگرن جي ان وقت سرپرستي ڪرڻ گ??رجي جڏهن هو ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ يا ايونٽ ۾ حصو وٺڻ ??اء?? پاڻ کي تيار ڪري رهيا هجن. ان کان اڳ ل??هو?? چيمبر جي صدر گورنر کي سپاسنامو پيش ڪيو.