اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن مردان،نوشهره?? چارسده، سوات، مالاڪنڊ، مانسهره، بونير، اپر دير، ڪوهاٽ، ايبٽ آباد ۽ اتر ??زي??ستان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.4 رهي. زلزلي جو مرڪز هندوڪش جي جابلو سلسلي ۾ افغانستان ۾ 215 ڪلوميٽر زمين جي گهرائي وارو علائقو هو?? زلزلي کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ اهي گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آي?? ۽ ??لمه طيبه جو ورد شروع ڪري ڇڏيو.