اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته نيازي فيض ڳٺ جوڙ گينگ جو ??قصد پاڪستان ۾ 10 سالن جي پلان تي عملدرآمد ڪرڻ هو، جيڪڏهن ان جو ??نصوبو ڪامياب ٿي وڃي ها ته پارليامينٽ مستقل طور تي ختم، اي وي ??يم ذريعي دوکي تي ٻڌل چونڊون ۽ صدارتي نظام لاڳو ٿي چڪو هجي ها، ملڪ کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ، ا??ار?? خلاف منظم سازش ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي، 9 مئي جي سمورن ڪر??ار?? لاءِ قانون پاڻ پنهنجو رستو ٺاهي رهيو آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته منظم طريقي سان مهم هلائي ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو. سياست جو ??يس پائي اها پارٽي روزاني ملڪي مفادن خلاف بيٺل نظر ايندي آهي، آءِ ??يم ايف کي قرض نه ڏيڻ لاءِ خط لکڻ، ايوان نمائندگان، برطانوي هائوس آف لارڊ ۽ هائوس آف ڪامن ۾ ان جا ماڻهو ويا ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن کان پي ٽي آءِ جو باني وزيراعظم نه رهيو ان کانپوءِ هڪ ڏينهن به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ پاڪستان کي نقصان نه پهچايو ويو هجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو رئوف حسن گرفتار ٿيو ته ان جي موبائيل مان اهم رابطا ظاهر ٿي چڪا آهن، ڪرن ٿاپر سان رابطو ڇو ڪيو هو؟ چيو ويو ته رئوف حسن صحافي آهي ان جا صحافين سان رابطا آهن، اهوبلڪل صحيح ناهي هو ڪنهن به طرح صحافي ناهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي سربراهه خلاف جهڙي طرح زه??يلي مهم ملڪ دشمن صحافين سان شيئر ڪئي اهو س??سل?? نومبر 2022ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ منظم طريقي سان مهم هلائي وئي. هن چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جنهن جي حفاظت پاڪ فوج ڪري رهي آهي. سپهه سالار تي اهو شخص بنا ثبوت جي پنهنجي راءِ ذريعي زه?? اوڳاڇي ٿو. هن چيو ته سائفر کان شروع ٿيل معاملو پرڏيهي پاليسي تائين وٺي ويو، اڃان به ان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي سفارتي طرح اڪيلو ڪيو وڃي ان جو ??ڪ ئي مقصد آهي ته ڪهڙي طرح اقتدار ۾ واپس اچي. هن چيو ته پهرين نيب نيازي ۽ هاڻي نيازي حميد ڳٺ جوڙ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊنگ ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پاڪستان، پاڪ فوج، قوم، عوام، سياستدان برداشت نه ڪندا، هاڻي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، پهرين پنهنجو رويو درست ڪن، سياسي گنجائش گهرن ٿا ته پنهنجي روين کي به ٺيڪ ڪن. هن چيو ته 9 مئي تي فالس فليگ آپريشن چوندڙ اهو ٻڌائين ته ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ، ڪارڪنن جي ذهن سازي ڪري فوج مخالف بڻائڻ، پهرين گرفتاري ۽ پوءِ قوم کي بغاوت تي ڇو ڀڙڪايو ويو، 9 مئي جهڙو افسوسناڪ واقعو ٿيو ان ۾ شامل ڪر??ار?? کي قانوني ڪارروائي مان گذرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي، دفاعي، پرڏيهي پاليسي، سفارتي محاذ تي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪومت پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته اسان تي اڱريون کڻڻ کان پهرين اڄ جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي حڪومتي دور ۾ عوام کي ڏنل رليف ته ٻڌائين.اي پي پي/ر – م/ز – ج 21:22