اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پهرين سرڪا??ي دوري تي پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان طرفان يورپ لاءِ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي تي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس مان ج??ري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن وا??ي دو??ي دوران پاڪستاني قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري جنرل 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي. سن??س دو??ي دوران ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ ??هڪ??ر وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.