ڪراچي -05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زر??اري چيو آهي، ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جون سسموريون اٽڪلون آزمائي چڪو آهي، پر مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پي پي پي جي چيئرمين يوم اس??حصال ڪشمير جي م??قع?? تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪرڻ ذريعي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هو رياستي ظلم تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ڄاڻايل ??دم?? جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران کنيل ??دم?? گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن عالمي فورمن تي ڪشميري عوام جي حقن جي وڪالت جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. اس??ن عالمي برادري کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حقن جي حمايت گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪري.