اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن کي هڪ جهڙي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سا?? ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي ??يو آهي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي اسان جو اثاثو آهي، ملڪي ترقي نوجوانن جي ڀلائي سا?? واڳيل آهي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي حوالي سا?? اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي و??يراعظم چيو ته نوجوان آبادي پاڪستان جو اثاثو آهي ۽ ملڪي ترقي انهن جي ڀلائي سا?? واڳيل آهي. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه ٽيلينٽ موجود آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي و??يلا فراهم ڪيا وڃن ته اهي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا. نوجوانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نوجوانن کي هڪ جهڙي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي سمورن تربيتي پروگرامز جو محور روزگار جي فراهمي هجڻ گهرجي. جاب مارڪيٽ جي تفصيلي سروي ڪرائي ان موجب ترجيحي شعبن ۾ اسڪل ٽريننگ جي شروعات ڪئي وڃي. اجلاس کي پي ايم يوٿ پروگرام جي حوالي سا?? بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هيستائين 6 لک ليپ ٽاپس ڏنا ويا آهن. هن سا?? نوجوانن ۾ ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپس ورهايا ويندا. گذريل ٽن سا??ن ۾ يوٿ اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام تحت تربيت حاصل ڪندڙن ۾ 64 سيڪڙو کي باعزت روزگار مليو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايم نيشنل انوويشن ايوارڊ تحت 100 اسٽارٽ اپس کي فنڊ ڪيو ويو آهي. جن سڄي ملڪ ۾ چونڊ انڪيوبيشن مرڪزن ۾ جڳهه ڏني پئي وڃي. پي ايم يوٿ سپورٽ ليگ تحت 10 عالمي معيار جي اسپورٽ اڪيڊميز ۽ هڪ بائيو مڪينيڪل ليبارٽري ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پرائيم منسٽر گرين يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي ماحولياتي تبديلين کان بچاءُ ۽ ايڪو انوينشن جي حوالي سا?? تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سا?? سڄي ملڪ جي 268 ??ون??ورسٽين تي ڌيان ڏنو ويندو. نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي 2024ع جي تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو محور نوجوانن کي باعزت روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ورڪ فورس جي عورتن جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. پي ايم ڊيجيٽل حب جو هڪ ون ونڊو آپريشن ڊيش بورڊ هوندو، تيار ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي و??ير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله ت??رڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي و??ير شزه فاطمه خواجه، پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.