اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي، ته ٽيڪس جي شعبي ۾ اهڙو نظام جوڙيو وڃي، ته جيئن ڪمزوريون ختم ٿي سگهن، واپاري ۽ ڪ??روباري ماڻهن کي ٽيڪس معاملي ۾ ناجائز تنگ نه ڪيو وڃي، ايف بي آر کي قومي مفادن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه گهربل هوندو حڪومت فراهم ڪندي، ذاتي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي قومي مفادن کي اهميت ڏني وڃي، معيشت کي مستحڪم ڪرڻو آهي، تحمل، برداشت، قرباني ۽ محنت سان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻا آهن. ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جاري آهي، وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ وڌيڪ بهتري طرف وڌڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙو اظهار ڪالهه فيڊرل بورڊ آف روي??يو (ايف بي آر) جي دوري جي موقعي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي تي ناڻ?? واري وفاقي وزير، قانون واري وفاقي، ناڻ?? واري مملڪتي وزير، ناڻ?? واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر جي ٽيم سميت لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيندي ??يو آهي، ته پوري ٽيم پروگرام ??اءِ سخت محنت سان ڪم ڪيو. هن چيو ته ادارا جاتي سڌارن کان سواءِ ممڪن ناهي، ته معاشي ترقي جا هدف حاصل ٿي سگهن، وزيراعظم چيو ته اسان کي معيشت مستحڪم ڪرڻي آهي، معيشت جي مائڪرو اهڃاڻن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ مشڪل سفر طئي ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي تحمل، برداشت، قرباني ۽ محنت سان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻا پوندا جن کان سواءِ ترقي جو هي سفر مڪمل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسٽاف ليول معاهدو ٿيو آهي ۽ آءِ ايم ايف بورڊ ان جي منظوري ڏيندو. هن چيو ته هاڻي اسان جي ذميواري جي شروعات ٿي رهي آهي، هاڻي وقت آهي ته اسان جلد کان جلد قدمن کي يقيني بڻايون، تڏهن ئي اسان هن پروگرام کي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام بڻائي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي نئين دور جي شروعات ٿيندي. هن چيو ته مان پوري قوم کي يقين ٿو ڏيارڻ چاهيان ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم ۽ اجتماعي ۽ انفرادي ڪوششن سان انشاالله پاڪستان هڪ عظيم، خوشحال ۽ قابل احترام ??لڪ بڻجندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڪستان جي قرضن ۾ جان ڇڏائڻ چاهيون ٿا ته آءِ ايم ايف جي هن پروگرام کي آخري پروگرام تصور ڪرڻو پوندو ۽ يقيني بڻائڻو آهي ته هي ئي آخري پروگرام آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ جيڪي ٽيڪس نٿا ڏين انهن جي حوالي سان اسان کي پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ عام ??اڻهو جيڪو ٽيڪس ڏئي ٿو، ان کي رعايتون فراهم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪس ڏيڻ جي صلاحيت وارن ماڻهن کان ٽيڪس وصول نه ڪئي ويندي ته ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، عام ??اڻهو جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ وسيلا جمع نه ٿيندا. هن چيو ته عام ??اڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اوهان کي پوري حڪمت عملي تبديل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ٽيڪس محصولن ۾ واڌ جي لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاليسيون جوڙڻيون پونديون، مصنوعي ذهانت جو دور آهي ۽ ان ذريعي ڪجهه به ناممڪن نه رهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جڏهن مان ٻڌان ٿو ته اسان عالمي بئنڪ ۽ جائيڪا وغيره کي خط لکيو آهي، اهي اسان کي هي فنڊ ڏئي رهيا آهن، ته مون کي وڏي تڪليف ٿيندي آهي. هن چيو ته انهن مان جان ڇڏائڻي پوندي، ننڍين ننڍين شين ۽ وسيلن لاءِ اسان کي مالياتي ادارن طرف نه وڃڻو پوي، قومي ۽ عوامي مفاد لاءِ ايف بي آر کي ٽيڪس محصولن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه به گهرجي حڪومت فراهم ڪندي، قومي مفادن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته ايف بي آر اربين کربين رپين جا محصول گڏ ڪري ٿو، پر ڪجهه ارب رپين لاءِ اسان کي ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن وٽ وڃڻو پوي ٿو، قومون ايئن نه ٿيون بڻجن، عالمي مالياتي ادارن وٽ ان وقت وڃڻ گهرجي، جڏهن مجبوري هجي، جتي 8 يا 10 ارب رپيا خرچ ڪري کربين رپيا ڪمائي سگهجن ٿا ته اسان کي ان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ترجيحن جي تعين جو وقت اچي ويو آهي، اسان کي پوري تياري سان قوم جي خدمت لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻو پوندو، ايف بي آر ۾ جيڪي سڌارا ۽ تبديليون آنديون پيون وڃن، انهن جو مقصد ٽيڪس باقيدارن کان ٽيڪس وصولي ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙن کي رعايتن جي فراهمي آهي، هن چيو ته منهنجي ڪا به ذاتي پسند يا ناپسند ناهي، صرف قومي مفاد ئي منهنجي لاءِ اولين ترجيح آهن، سفارش جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ان تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته گذريل مالي سال دوران ايف بي آر جي محصولن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ساراهه جوڳي آهي، پر ٽيڪس باقيدارن تي ٽيڪس لڳائڻ ضروري آهي، ته جيئن قوم کي ٻڌائي سگهجي ته هي اهي ئي شعبا آهن جيڪي ٽيڪس نه ڏيندا هئا. 1997ع ۾ پنجاب ۾ پهريون ڀيرو زرعي ٽيڪس اسان لڳايو هو، 12 ايڪڙن تائين جي آبادگارن کي ٽيڪس رعايت حاصل هئي، 27 سال گذرڻ باوجود اڄ تائين ان حوالي سان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. وزيراعظم چيو ته محصولن ۾ واڌ لاءِ ٽيڪس باقيدار بجلي ۽ ٻين صارفين تي ٽيڪس لڳائڻ مسئلي جو حل ناهي، ٽيڪس جي حوالي سان صوبن سان مشاورت ڪئي وئي، جيڪڏهن دل ۾ جذبو هجي ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي تڙپ هجي ته الله تعاليٰ پنهنجي خاص فضل و ڪرم سان معاملن کي آسان بڻائي ٿو. هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس محصولن جو هدف پنهنجي جاءِ تي، پر ڪنهن سيڙپڪار ۽ واپاري کي بنا سبب جي تنگ نه ڪيو وڃي، انفورسمينٽ جي نالي تي تنگ ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي، ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون ۽ عزت ڏني وڃي ۽ قابل وصول ٽيڪس کي وصول ڪرڻ لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن قومي آمدني ۾ واڌ ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اوهان ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪندا ته اوهان کي به رعايتون حاصل ٿينديون، رعايتن جي پاليسي آڻڻي پوندي. هن چيو ته ايف بي آر ۾ جديد ترين سسٽم لاڳو ڪيو ويندو ۽ پوري قوم کي ڏيکارينداسين ته جڏهن نيت ۽ ارادا صحيح هجن ۽ فيصلو ڪيو وڃي ته الله تعاليٰ به مدد ڪري ٿو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، ناڻ?? وارو وفاقي وزير، قانون انصاف وارو وفاقي وزير، ناڻي ۽ محصولن وارومملڪتي وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن، چيئرمين ايف بي آر ۽ ايف بي آر سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ هئا.