اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ضلع خيبر جي پوليس چوڪي تخته بيگ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائڻ تي ا??ف سي ۽ پوليس اهلڪارن جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب شه??د ا??ف سي اهلڪار شهزاد ۽ شه??د پوليس اهلڪار اعجاز جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، شه??د ا??ف سي اهلڪار شهزاد ۽ شه??د پوليس اهلڪار اعجاز جو جرئت سان ??هشتگردن جي مڪروهه عزمن کي مٽي ۾ ملايو. هن چيو ته دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ٻ??هي سپوتن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. شه??د ا??ف سي اهلڪار شهزاد ۽ شه??د پوليس اهلڪار اعجاز پنهنجي جان ڏئي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو. وفاقي وزير چيو ته شه??د ا??ف سي اهلڪار شهزاد ۽ شه??د پوليس اهلڪار اعجاز جي لازوال قرباني کي قوم هميشه ياد رکندي. شه??د ٿيل ٻ??هي جوانن جي بهادري تي قوم کي ناز آهي. خيبر پختونخوا پوليس ۽ ا??ف سي جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته خيبر پختونخوا پوليس ۽ ا??ف سي جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. خيبرپختونخوا پوليس ۽ ا??ف سي جي قربانين جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. هن چيو ته اتحاد ۽ اتفاق سان ??هشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.