اسلام آباد – 12 – ف??بر??ري (اي پي پي) پاڪستان غزه جي شهر رفح تي اسرائيل جي ف??جي جارحيت ۽ ان جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام جي قتل عام ۽ ان جي تباهي جي سخت مذمت ڪئي آ??ي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رفح ۾ اسرائيل جي جارحيت غزه جي ماڻهن کي نسل ڪشي کان بچائڻ جي لاءِ انصاف جي عالمي عدالت پاران عارضي قدمن جي خلاف ورزي آ??ي. ترجمان چيو ته اهو غزه ۾ گذريل 4 مهينن دوران ٿيندڙ انساني تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪ??دو ۽ امڪاني جنگبندي جي لاءِ جاري ڪوششن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان عاليم برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي جارحيت ۽ انسانيت جي خلاف اسرائيل جي مسلسل ڏوهن کي ف??ري طور تي بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.