تامپابي، فلوريڊا-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل ??يد عاصم منير پنهنجي آمريڪي دؤري دوران ڪمانڊر يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ايرڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ??الهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال بابت گڏيل سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف جنرل ??يد عاصم منير سينٽ ڪام جوائنٽ آپريشن سينٽر جو به دؤرو ڪيو جتي سينٽ ڪام ۽ـ پاڪ فوج وچ ?? دفاعي تربيت ۽ رابطا وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو.