اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي موشن پڪچرز (ترميمي) ??ل 2023ع تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين، قانون ۽ جمهوريت جي اصولن سان گڏ بيٺل آهيان، بل تي سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪندو، ان جو ا??ترام ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ موشن پڪچرز ترميمي ??ل 2023ع پڻ ايجنڊا ۾ شامل هو. سينيٽر رضا رباني نگران حڪومت پاران بل پيش ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. جنهن تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اها ڳالهه وضاحت سان چوڻ چاهيان ٿو ته منهنجي 63 سال عمر آهي ۽ سڄي زندگي آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل رهيو آهيان ۽ ان ۾ ڪڏهن به فرق نه ايندو، سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪري ان جو ا??ترام اسان سڀني تي لازمي آهي. هن چيو ته بل جي تياري تي ڪيترو عرصو لڳي ٿو سينيٽ جي ميمبرن کي ان جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، هي بل اسان وٽ اچڻ کان اڳ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پڻ غور هيٺ رهيو. هن چيو ته قانون واري وزارت ۽ ليگل برانچ مون کي اهو ئي مشورو ??نو ته توهان موشن پڪچرز (ترميمي) ??ل 2023ع سينيٽ ۾ پيش ڪريو ان لاءِ آئون حاضر ٿيو آهيان پر ان تي چيئرمين ۽ سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪندا آئون ان جو ا??ترام ڪندس. چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ان ۾ ڪو فوري نوعيت جو معاملو نه آهي ته ان کي چونڊيل حڪومت جي اچڻ تائين التوا ۾ رکيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي بل هونئن به ڪميٽي ۾ وڃڻو هو ۽ جيئن ته قومي اسيمبلي موجود نه آهي، فوري طور تي قانون نٿو ٺهي سگهي ان لاءِ جيڪو به فيصلو توهان ڪندا ان جو ا??ترام ڪيو ويندو. ان کانپوءِ چيئرمين ان م??املي تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان تي اٽارني جنرل سان به مشاورت ڪئي ويندي ۽ جمعي ڏينهن ان تي فيصلو ڪيو ويندو.