اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي)وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير ??دد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير ??همت پچاچي ??ي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ??دد علي سنڌي وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جو ثقافتي، لساني ۽ عوام وچ ۾ هڪٻئي سان محبت جو رشتو آهي، هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي واکاڻ ڪئي.مدد علي سنڌي استادن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪئي ۽ خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم يو??يورسٽي ۽ ٻين يو??يورسٽين جي پروفيسرن کي گڏيل دلچسپي جي موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ريسرچ فيلوشپ جي آڇ ڪنديون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن، ترڪيه جي سفير ??فاقي وزير کي پراڻي مذهبي ۽ ثقافتي مينيو اسڪرٽپس جي بحالي ۽ تحفظ جي باري ۾ ٻڌايو. مدد علي سنڌي ان منصوبي کي ساراهيندي چيو ته سندس و??ار?? ان منصوبي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، هن ان سلسلي ۾ سنڌي لينگوئيج اٿارٽي جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته TIKA کي ان سلسلي ۾ پنهنجي دائري ڪار کي وڌائڻ لاءِ صوبائي تنظيمن سان به تعاون ڪرڻ گهرجي. اين ايس يو ۾ سينٽر آف هاسپيٽيلٽي جي تعمير به ٿيندي جنهن کي ترڪيه ۾ ڪ??وڊ ۽ زلزلي سبب روڪيو ويو هو.