اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??دا??ت ڪئي آهي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تي??ري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصلاح الدين صديقي سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اصلاح الدين صديقي نگران وزيراعظم کي پنهنجي سوانح عمري ”ڊيش ٿرو مائي لائيف“ پيش ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي موجوده صور??حا??، ان جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اصلاح الدين صديقي گذريل رات هاڪي چيمپيئن شپ پڄاڻي و??ري مئچ ۾ نگران وزيراعظم جي شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. اصلاح الدين صديقي رانديگرن جي حوصلا افزائي تي نگران وزيراعظم کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني هاڪي ٽيم ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هاڪي جي ميدانن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. قومي راند هاڪي جي پاڪستان ?? موجوده صور??حا?? ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏي??ري رهنداسين. هن چيو ته اصلاح الدين صديقي جهڙا ليجينڊ پاڪستان جا اصل هيرو آهن، حڪومت نوجوانن ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. نگران وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تي??ري لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.