اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون جي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪن??و. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪن??و. ??گران وزيراعظم 18 آڪٽوبر تي ”هڪ کليل عالمي معيشت ۾ رابطي“ جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪن??و. ??گران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ ۽ سينيئر چيني اڳواڻ کانسواءِ فورم ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجما?? چيو ته نگران وزيراعظم چين ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهم چيني واپارين سان پڻ ملاقاتون ڪن??و. ??و چين جي سنڪيانگ خودمختيار علائقي ارومچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو جنهن جو مقصد واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ آهي. ه?? چيو ته نگران وزيراعظم جو جو دورو چين پاڪستا?? اقتصادي لنگهه جي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي جاري تقريبن جو حصو آهي جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي. نگران وزيراعظم چين ۾ پنهنجي مصروفيتن ۾ سي پيڪ جي اهم ڪاميابين ۽ مستقبل جي ترجيحن تي روشني وجهندو ۽ ان جي اعليٰ معيار جي ترقي کي گڏيل طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندو.