اسلام آباد – 12 – ??يپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ليبيا جي اتر اوڀر حصي ۾ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي ليبيا جي عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سان انساني جانين جي زيان ۽ زنده?? بچي ويندڙن کي پهچندڙ تڪليفون انتهائي افسوسناڪ آهن ۽ اسان هن مشڪل وقت ۾ ليبيا جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل ??هيون. بيان موجب ليبيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ڪميونٽي جي ممڪن مدد جي لاءِ مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي.