اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي ??نعتي ۽ واپاري سرگرمين جو مر??ز آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? سان ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي جي ميئر وزيراعظم کي ڪراچي جي ??نتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي ??نعتي ۽ واپاري سرگرمين جو مر??ز آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي جي ??لديه عظميٰ سان ڀرپور تعاون ڪنديون. هن چيو ته بطور نگران وزيراعظم منهنجو پهريون سرڪاري دورو ڪراچي جو هو ۽ ان دوري ۾ ڪراچي جي ??نعتي ۽ واپاري برادري سان ملاقات ۽ انهن کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت جاري ڪرڻ منهنجي ??ولين ترجيح هئي.