اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي م??لي خودمختياري جي لاءِ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي منفرد صلاحي??ون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي ??دلائڻو پوندو. اهڙن خيالن ??و اظهار هن صحت جي عالمي اداري ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد صحت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهي پالا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر ۽ خا??ون اول جي خصوصي ماڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ صحت جي ٻين مسئلن ??ي ڪوششن کي ??اراهيو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي بح??لي ۽ انهن جي سهولتن لاءِ انهن کي مددگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت آهي. بح??لي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرائمري ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي ??عليٰ معيار، محفوظ ?? سستي بح??لي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر صحت جي عالمي اداري جي بح??لي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي ۽ صحت جي عالمي اداري کي ??ح??لي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.