اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالديپ ۽ پا??ست??ن جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ مالديپ کي پا??ست??ني مصنوعات برآمد ڪرڻ جا وس??ع امڪان موجود آهن، پا??ست??ن مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي ٻطرفي ڏس سميت سارڪ، او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پا??ست??ن ۾ مالديپ جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي ز??ر ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلين ??ان ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ٻنهي کي هڪ جهڙو خطرو آهي. صدر چيو ته پا??ست??ن ۽ مالديپ کي سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پاران مسلمانن جي خلاف فرق ۽ انهن تي ظلم انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران مسلمانن خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪردار تي پڻ ز??ر ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر کي ان جي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني ۽ پا??ست??ن مالديپ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي ڪوششن کي ساراهيو.