اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال جي بهتري جو اعتراف موجوده ح??ومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو 15 مهينن دوران پاڪستان اندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي هڪ کانپوءِ هڪ ڪاميابين جا سنگ ميل عبور ڪيا، ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، آءِ ??يم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو بحال ڪيو، فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، ع??لم?? فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي 7 درجا بهتري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ع??لم?? ريٽنگ جي اداري فچ (FITCH) پاڪستان جي ريٽنگ وڌائي CCC ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪائونسل جو اهو چوڻ ته پاڪستان انساني حقن جي بهتري لاءِ پختي سياسي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو موجوده ح??ومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي. چار سال جي تباهي، بدنامي، رسوائي ۽ گندگي جي صفائي جاري آهي، سموريون ڪوڙيون، سازشي ع??لم?? پروپئگنڊاز زمين بوس ۽ سدائين جي لاءِ ??فن ٿي ويون آهن.