اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پيرس ۾ منعقد ٿيندڙ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 22 کان 23 جون تائين فرانس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب سربرا??ه اجلاس اڳواڻن کي هڪ نئين گلوبل آرڪيٽيڪچر جي شڪل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پائيدار ترقي، ماحوليات، توانائي جي منتقلي ۽ موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا جي مالي اعانت جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان ??وجب سربرا??ه اجلاس جو مقصد ايندڙ ٻن سالن دوران ??ين اهم عالمي تقريبن ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي نظام جي جامع سڌارن جي لاءِ گهربل اصولن ۽ قدمن جي وضاحت ڪرڻ ۽ اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ وڌيڪ متوا??ن ۽ منصفاڻي حصيداري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. پاڪستان عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر، جي – 77 اينڊ چائنا ۾ هڪ رهنما ۽ موسمياتي تبديلين سان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿيندڙ سڀ کان ??ڏي اسرندڙ ملڪن مان ??ڪ جي طور تي سربرا??ه اجلاس ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺندو. وزيراعظم بحث ۾ عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ ۽ قرضن بابت حل جي حوالي سان ??اڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم سربرا??ه اجلاس جي موقعي تي ٻين عالمي اڳواڻن سان ??لاقاتون پڻ ڪندو.