اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي مهارت ۽ ??لا??يتن تي پڪو اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوان پنهنجي خداداد ??لا??يتن سان سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيشنل انوويشن ايوارڊ اسان جي نوجوانن جون تخليقي ??لا??يتون پيش ڪرڻ جي ??لا??يت کي اڀاري ٿو جن کي موثر منصوبن ۾ آڻي سگهجي ٿو، 20 هزار درخواست ڏيندڙن مان 100 ذهين نوجوانن ۾ 16 ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ورهائي وئي، ان ۾ 20 لک رپين تائين جو ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو پيش ڪيل آئيڊياز جي غي??معمولي نوعيت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي جيڪو اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي. شهباز شريف چيو ته انهن کي پنهنجي با??لا??يت نوجوانن جي مهارت ۽ ??لا??يت تي پڪو اعتماد آهي ته اهي رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پنهنجي هوشيار نوجوانن سان ملڻ سدائين خوشي جو سبب بڻجي ٿو.