اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ستان جي ا??پي??ل اولمپڪس ٽيم کي برلن ا??پي??ل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻڌل پا??ستان جي ا??پي??ل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪريان ٿو ته اسان جي ٽيم پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي. پا??ستان ا??پي??ل اولمپڪس ٽيم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پا??ستان ا??پي??ل اولمپڪ?? جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته ذهني معذوري جو شڪار ماڻهو به راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پا??ستان جي ا??پي??ل اولپمڪس ٽيم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پا??ستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مثبت سرگرمين ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان پا??ستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.