اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نام??د سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نام??د سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته سعودي عرب سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي ضرورت آهي، ??نه?? ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ??نه?? ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻط??فن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نام??د سفير ٻط??فن رابطن کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.