اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چي?? آهي ته سوڊان مان هڪ هزار پاڪستانين جو خرطوم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اڻٿڪ ڪوششن سان حفاظت سان انخلا عمل ۾ آندو وي?? آهي. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چي?? آهي ته سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي قيادت ۾ پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي سعودي عرب ۽ چي?? جي مدد سا?? جده ۽ اسلام آباد ۾ اسان جي ٽيمن جو تعاون حاصل رهيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان ڪاميابي سان حفاظت سان هڪ هزار پاڪستانين جو سوڊان مان انخلا عمل ۾ آندو وي?? آهي. پرڏيهي آفيس موجب ان سان گڏ ئي سوڊان مان اسان جي انخلا جون ڪارروايون ختم ٿي ويون آهن. بيان ۾ وڌيڪ چي?? وي?? آهي ته آخري پاڪستاني جي حفاظت سان واپسي تائي?? جده رستي انخلا جو عمل جاري رهندو.