لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي سربراهن کي ٽيليفون تي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پريس ونگ موج?? وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ?? پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي به فون ڪيو ۽ عيدالفطر جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستاني قوم کي پن??نجي فوج تي فخر آهي. پاڪستاني قوم پن??نجي سرحدن تي موجود محافظن جي ڪري امن ۽ سڪون سان عيد جون خوشيون ملهائي رهي آهي. هن چيو ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ان بهادر ۽ فرض شناس جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.