اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انضمام ٿيل ??اٽ?? ضلعن جي لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسڪيمن جي لاءِ فنڊز جي منظوري اي سي سي ۽ ٻين فورمن کان جلد ڪرائي وڃي، حڪومت انضمام ٿيل ??اٽ?? ضلعن جي ترجيحي بن??اد?? تي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انضمام ٿيل ??اٽ?? ضلعن جي قوم?? اسيمبلي ميمبرن جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قوم?? اسيمبلي ميمبر مولانا جمال الدين، علي وزير، محسن داوڙ کانسواءِ وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت سڄي ملڪ جي معاشي طور تي ڪمزور علائقن جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.