اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ ج?? فضل ۽ ڪرم سان اس??ن کي هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو آهي، منهنجي دعا آهي ته اس??ن سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو مهينو ذاتي احتساب جو مهينو آهي. هي پنهنجي ذات جي حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اس??ن کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته هن مبارڪ مهيني جي برڪت سان الله تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اس??ن جي مدد فرمائي. الله تعاليٰ اس??ن سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.