اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي وڏي واپار ۽ ويليو ايڊيشن جو روٽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن سان آهي، ڪاروباري ??رگرمين جي فروغ جي لاءِ نوان رستا کولڻ ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ??سان بهتر نتيجا حاصل ڪري ??گهون ٿا، ٽيڪسيشن جي ادارن کي ذاتي رابطن بدران اليڪٽرانڪ رابطن طرف وڌڻو پوندو، ڪاروباري ??رادري کي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڊاڪيومينٽيشن آف اڪانومي جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ سرگوڌا چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز ??ي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري ??هيو هو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته سمال انڊسٽريز ٽريڊرز ترقي جون منزلون طئي ڪري ??هيو آهي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جو ملڪي معيشت ۾ اهم حصو آهي، هڪ وقت هو جڏهن معاشي ترقي ۾ 60 کان 70 سيڪڙو حصو ايس ايم ايز ??و هو، اسٽيم انجڻ، ٽيڪسٽائيل لومز اچڻ کانپوءِ 19هين صدي ۾ وڏي صنعتن ترقي ڪئي، ايس ايم ايز ??ي اهو واحد سيڪٽر آهي جنهن ۾ روزگار ۽ مالي ترقي جا وڌيڪ موقعا آهن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي انقلاب ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن ۽ صارف جي وچ ۾ هول سيلر جو ڪردار ختم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، اڳ ۾ ايس ايم ايز ??ي مارڪيٽ پنهنجو علائقو هو جيڪو بعد ۾ ملڪي سطح تائين پهچي ويو هاڻي ايس ايم ايز ??ي مارڪيٽ پوري ??نيا آهي، اسان کي ان انقلاب کي سڃاڻڻو ۽ ان ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻي آهي. صدر چيو ته حڪومتن جو ڪم رستا ٺاهڻ، مواصلاتي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ان کي ڪيئن پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻو آهي ان جو فيصلو اسان کي پاڻ کي ئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٽيڪس جي حوالي سان مختلف سوچ موجود آهي، جيڪي ٽيڪس ڏيڻ چاهين ٿا انهن تي بار وڌو وڃي ٿو، ٽيڪس وصولي جي حوالي سان ذاتي رابطا ختم ڪري ??سان کي اليڪٽرانڪ رابطن طرف وڌڻو پوندو. هن قائداعظم محمد ع??ي جناح جي 1945ع ۾ ڪيل تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته قائداعظم ان وقت ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مسلمانن جي اندر ڪرپشن ٻين طبقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، هڪ ٻئي موقعي تي قائداعظم محمد ع??ي جناح فرمايو هو ته اقرباپروري ۽ ڪرپشن وارننگ سائن آهن. صدر چيو ته اسان کي به سفارش ڪلچر کان ٻاهر نڪري ميرٽ کي فروغ ڏيندي سسٽم کي بهتر بڻائڻو پوندو، اهڙو نظام هجي جو ماڻهو سفارش بدران ميرٽ جي بالادستي جا مثال ڏين. صدر ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته حڪومت کي به گهرجي ته اها قانونن جو صحيح استعمال ڪري ڇو ته عالمي سطح تي به انهن شين کي ڏٺو پيو وڃي جيڪڏهن قانون جو غلط استعمال ٿيندو ته دنيا آڏو کل ٿيندي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران عورتن کي سبسڊائيزڊ ريٽ تي قرض فراهمي جو پروگرام شروع ٿيو هو پر آگاهي نه هجڻ جي ڪري 5 سيڪڙو کان گهٽ عورتون قرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري ??گهيون آهن. هن چيو ته عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا به ٿين ٿا پر جيڪڏهن پنهنجي ڪاروبار ۾ پنهنجي عورتن کي شامل ڪنداسين ته انهن کي تحفظ سان گڏوگڏ ڪاروباري ??رگرمين ۾ پڻ هٿ ونڊرائڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. صدر جمهوري قدرن تي روشني وجهندي ٻڌايو ته فرانس ۽ آمريڪا ۾ انتهائي سخت حالتن، جنگ جي ماحول ۾ به اليڪشن ٿيا آهن ۽ ان سان جمهوري ??مل کي سگهه ملي آهي، جمهوريت ڪنهن به قيمت تي هلندي رهڻ گهرجي، ان ۾ مشاورت جو عمل به اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته غلط فيصلن جا نقصان دير تائين برداشت ڪرڻا ??ون ٿا، پاڪستان اسٽيل ملز جهڙن ادارن کي هلائڻ جي لاءِ اربين رپيا سسٽم ۾ وجهڻا ??ون ٿا. هن چيو ته ڪامياب ۽ مضبوط معيشت جي لاءِ ڪنهن آئن اسٽائن کي ناهي اچڻو پر ان جي لاءِ ديانتداري ۽ ڪمٽمنٽ ضروري ??هي. هن نيدرلينڊ ملڪ جو مثال ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ هجڻ جي باوجود خوراڪ جي شعبي ۾ دنيا جو ٻيو وڏو ڪامياب ملڪ آهي، هن ملڪ متوازي پوکيءَ، ڊرپ اي??يگ??شن، مٽي کانسواءِ پيداوار تي پنهنجو ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ان ۾ ليڊيز هيلٿ ورڪرز ۽ مڊ وائيف جو به فعال ڪردار لازمي آهي، هن وقت 37 سيڪڙو عورتن تائين پهچ آهي ان کي وڌائي اسان بهتر نتيجا حاصل ڪري ??گهون ٿا. سرگوڌا چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز ??ي صدر امتياز احمد ڊوگر، باني صدر شيخ آصف اقبال ۽ ايف پي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر ميان انجم نثار پڻ خطاب ڪيو. مقررين پنهنجي خطاب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيندي چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ لاءِ اهڙي سرگرمين سان سڄي ملڪ ۾ ايس ايم ايز ??ان تعلق رکندڙن کي حوصلو مليو آهي. هن چيو ته گهٽ وسيلن سان ايس ايم ايز ??ي ذريعي روزگار جا بي شمار موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن، هن سيڪٽر جي افاديت کي نظرانداز نه ٿو ڪري ??گهجي.