اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وات جُون 95 سيڪڙو بيماريون روڪ?? سگهجن ٿيون، اسلام ۾ پاڪائي يا صفائي کي اڌ ايمان قرار ??نو ويو آهي، بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي سان ملڪ مان وات جي بيمار??ن جو خاتمو ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وات جي صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته 20 مارچ تي ڏندن ۽ وات جي بيمارين کي روڪڻ تي ڌيان ڏنو ??ڃي. حضور ﷺ وات ۽ ڏندن جي صفائي جو ڪثرت سان اهتمام ڪندا هئا. اسلام ۾ پاڪائي يا صفائي کي اڌ ايمان قرار ??نو ويو آهي. صحيح بخاري ۾ اٽڪل 21 حديثن ۾ وات جي صفائي ۽ مسواڪ جو ذڪر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا مسواڪ يا برش سان ڏندن کي چڱي طرح صاف ڪن، ان سان بيمارين کي روڪڻ سان گڏوگڏ صحت به بهتر رهندي. صدر چيو ته وات جي بيمار??ن جو علاج مشڪل ۽ مهانگو هوندو آهي. بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي سان ملڪ مان وات جي بيمار??ن جو خاتمو ممڪن آهي. هن چيو ته سوپاري وات جي ڪينسر جو سبب آهي، ان لاءِ ماڻهو ان کان پرهيز ڪن.