لاهور – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ب??اول ڀٽو زرداري سان پيپلز لائرز فورم ۽ پروگريسو لائرز الائنس جي نمائندن ب??اول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. چيئرمين ب??اول ڀٽو زرداري کي پيپلز لائرز فورم ۽ پروگريسو لائرز الائنس جي نمائندن لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. هن خصوصي طور تي صباحت رضوي کي لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر عابد ساقي ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبر راحيل ڪامران چيما پڻ ملاقات ڪئي، پيپلز لائرز فورم جي نمائندن انساني حقن ۽ آئين جي بالادستي جي جدوجهد ۾ چيئرمين ب??اول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چيئرمين ب??اول ڀٽو زرداري وڪيل برادري کي خاطري ڪرائي ته هو انهن س??ن گڏجي پاڪستان جي آئين جي تحفظ ۽ بقاءَ جي جدوجهد جاري رکن??و. ??لاقات ڪندڙن ۾ گلفام سرويا، شاهد عمران اولک، عظيم حفيظ، آ??ف خان ب??وچ، سلمان نذير چيما، حمزه رياض چيما، ذيشان علي ساهي، قمر خان، فهيم خان ۽ حماد صوفي شامل هئا.