اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ جنرل پبلڪ ريليشنز (ڊي جي پي آر) لاهور جي هڪ وفد ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊ??ا مانيٽرنگ جي جديد نظام ۽ طريقيڪار بابت تفص??لي خيالن جي ڏي وٺ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊ??ا مانيٽرنگ جي حوالي سان ٽي??نيڪل معاملن ۽ تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊيمپ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود ڊي جي پي آر جي وفد کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن، ڊائريڪٽر انفارميشن ڊي جي پي آر راولپنڊي محمد اويس، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شاه?? نواز ۽ انفارميشن آفيسر ظهير احمد پڻ موجود هئا. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته اليڪٽرانڪ ميديا جي مانيٽرنگ عوامي مسئلن کان آگاهي ۽ حڪومتي پاليسين جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي لازمي آهي ڇو ته وقت سان گڏوگڏ ميڊيا چينلز جي اهميت ۽ عوامي پذيرائي ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اداري ڊيمپ ۾ قومي اليڪٽرانڪ چينلز جي 24 ڪلاڪ ٽن شفٽن ۾ مانيٽرنگ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي ٽي وي چينلز جي مانيٽرنگ جي حوالي سان پڻ هڪ منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي حوالي سان سڌوسنئون ۽ ملڪي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان جيڪو به مواد نشر ڪيو وڃي ٿو ان کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن اليڪٽرانڪ ميڊ??ا مانيٽرنگ جي حوالي سان ڊي جي پي آر جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو ته پنجاب حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ جي حوالي سان باقاعده رابطو اهم قدم آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ هڪ تيز رفتار عمل آهي جنهن جي لاءِ جديد ٽي??نالاجي جو استعمال ۽ ڊيٽا شيئرنگ جو عمل انتهائي اهميت رکندڙ آهي ڊي جي پي آر جي ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل چيو ته ڊي جي پي آر پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبائي اڪائي ۾ ۽ هڪ وڏي آبادي جي صوبي ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز جي مانيٽرنگ جي عمل کي ذميواري سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڊي جي پي آر نه رڳو چينلز تي نشر ٿيندڙ خبرن جي مواد جي مانيٽرنگ ڪري ٿو پر ٽاڪ شوز جو پڻ عوامي نقطه نظر جي حوالي سان جائزو ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ جي حوالي سان جديد ٽي??نالاجي ۽ اسڪلز جي حوالي سان سکڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.