اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو آهي ته فارن ايجنٽ ڪوڙو، مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ، هڪ لک نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ جي ڀڀڪين جو ڇا ٿيو؟ معيشت کي باهه لڳائي، مهانگائي جي تباهي ڦهلائي ۽ اڄ م??يشت جي ڳالهه ڪندي ڪ??هه ته شرم اچڻ گهرجي، ??وف توهانکي پنهنجي ڏوهن کان ٿي رهيو آهي، ??وف ان وقت ٿيڻ گهرجي ها جڏهن قومي خزاني تي توهان ڌاڙو هڻي رهيا هئا، ??وف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن توشه خانه ۽ سرڪاري عهدن جي لوٽ سيل لڳل هئي. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو ته ??وف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن بشريٰ ۽ فرح پنجاب ۽ ملڪ جو هر عهدو ??شو?? وٺي وڪرو ڪري رهيون هيون، توهان کي شوڪت خانم اسپتال جي 30 لک ڊالر نجي ڪاروبار ۾ لڳائيندي ??وف نه آيو، اهو ٻڌايو 2018ع ۾ ڊالر ڪيتري جو هو؟ اٽو کنڊ جي قيمت ڇا هئي؟ پيٽرول ۽ في يونٽ بجلي جي قيمت ڇا هئي؟ هن چيو ته فارن ايجنٽ پاڻ گهر ۾ لڪي ويٺل آهي ۽ عوام کي چوي ٿو ته گهرن مان نڪرو، فارن ايجنٽ کي خبر آهي ته گهر مان نڪتو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي ”آزادي“ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته فارن ايجنٽ جو هر ڪوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، معيشت جي قاتل ۽ عوام جي ڏوهاري کي گهر مان ڪڍي جيل موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي.