اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پا??ستان قومي سلامتي بابت اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي جنهن جو سڄي دنيا جا ??سل??ان احترام ڪن ٿا، ان جي تقدس جي خلاف ورزي ??سل??انن جي مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ ??سل??انن جي مذهبي جاين جي تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پا??ستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پا??ستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جنهن القدس الشريف گادي وارو شه?? هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.