ڪراچي -04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽٽل روڊن جي اوور هالنگ خا?? ڪري ننڍا روڊ جيڪي فارمن کي مارڪيٽ ۽ مختلف ڳوٺن کي مکيه شاهراهن سان ڳنڍيندا آهن اهي معيشت جي بحاليءَ ۽ عوام جي سهولت ۽ اچ وڃ جي لاءِ اهم آهن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ورڪس وارو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا ۽ چيف انجنيئر روڊز شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 23 ضلعن جا 71 روڊ جن جي ڪل ڊيگهه 1473.38 ڪلوميٽر آهي اهي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي وي?? آهن جن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 157.7 ڪلوميٽر جا 6 روڊ، ??ادو ۾ 149.27 ڪلوميٽر جا 5 روڊ، ??هيد بينظير آباد جا 106.6 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، نوشهروفيروز ۾ 137 ڪلوميٽر جا 9 روڊ، ??يدرآباد ۾ 20.4 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، ٽنڊوالهيار ۾ 93.8 ڪلوميٽر جا 6 روڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ 19 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ٺٽي ۾ 65 ڪلوميٽر جا 4 روڊ، ??جاول ۾ 55.5 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، ??دين ۾ 71 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ميرپورخاص ۾ 80 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، ??مرڪ??ٽ ۾ 20 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ??انگهڙ ۾ 46 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، ٿرپارڪر ۾ 35 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ??کر ۾ 58 ڪلوميٽرن جا 5 روڊ، گهوٽڪي ۾ 9 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ??يرپور ۾ 23 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، ??ڪارپور ۾ 67 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، ??يڪب آباد ۾ 45.45 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، ڪشمور ۾ 52.29 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، لاڙڪاڻي ۾ 92.65 ڪلوميٽر جا 5 روڊ ۽ قمبر-شهدادڪ??ٽ ۾ 67.2 ڪلوميٽر جا 3 روڊ شامل آهن. ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته روڊن جي لاڳت جو ڪاٿو 46.32 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد ڪم کي باقاعده فائنل ڪري ان تي عمل شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) صوبي جي ڪجهه وڏن روڊن جي مرمت جي ڪم لاءِ مالي مدد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي جنهن لاءِ ضروري ڪاغذ مڪمل ڪيا پيا وڃن.