اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي معاشرن ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي فروغ کي يقيني بڻايو وڃي، ڀارت جي مسلمانن کي اسلامو فوبيا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي ل??ءِ ٺوس قدمن جي ??رورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رابطا عالمي اسلامي جي ??يڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي رابطا عالمي اسلامي جي ??يڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ کي هلال پاڪستان عطا ڪيو. هلال پاڪستان ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم پاران يتيم ٻارن جي ڪفالت، ص??ت، سماجي ??عبن ۽ پاڪستان جي ل??ءِ خدمتن جي ??عتراف ۾ عطا ڪيو ويو. بعد ۾ صدر سان هن ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هو. صدر چيو ته ”اسلامو فوبيا“ مسلمانن کي درپيش سڀ کان وڏن چئلينجز مان هڪ آهي، اسلام جي ??والي سان دنيا ۾ موجود خوف کي ختم ڪرڻ جي ??رورت آهي، اسلام دنيا جي ماڻهن جي وچ ۾ امن، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏي ٿو. هن چيو ته مختلف قومن جي ماڻهن کي اسلام جي ??قيقي پيغام کان آگاهه ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر دنيا ۾ اسلام جي ??قي??ي تصور ۽ هم آهنگي جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ ۽ بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي معاشرن ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي فروغ کي يقيني بڻايو وڃي، اسلامي معاشرن ۾ دهشتگردي ۽ عدم برداشت جي ??جحانن جي ??لاف صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جون پاڙون گهريون آهن ۽ ان جي ??ياستي سطح تي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، ڀارت جي مسلمانن کي اسلامو فوبيا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي ل??ءِ ٺوس قدمن جي ??رورت آهي. صدر رابطا عالمي اسلامي جي ??الم اسلام ۾ ڀلائي جي ل??ءِ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ اسلامي عجائب گهر جي قيام تي عملدرآمد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ميوزيم جي مڪمل ٿيڻ سان ماڻهو حضور اڪرم ﷺ جي ??ندگي جي مختلف رخن بابت ڄاڻي سگهندا. صدر پاڪستان جي ??نتهائي اه?? مالي ضرورتن ۽ ٻوڏ سٽيلن جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ فراخدلي سان مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. رابطا اسلامي جي ??يڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا جي ??لاف آواز اٿارڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني اسڪالرز ۽ سول سوسائٽي کي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي گهري ڳڻتي آهي. سيڪريٽري جنرل ٻن ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي صدر جي ??طاب کي پڻ ساراهيو.