اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر اين ايف آر سي سي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ??ور?? کي تازي صورتحال ۽ ٻوڏ سبب انساني جانين، چوپائي مال ۽ انفراسٽرڪچر تي پوندڙ اثرن بابت تفصلي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل ڪوآرڊينيٽر ??ور?? کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي پنهنجي تازي دوري ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي فضائي جائزي سميت اهم معاملن بابت آگاهه ڪيو. ??ور?? ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تازي ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان ماضي جي قدرتي آفتن جي نقصانن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهن. تازين برساتن سبب سنڌ، بلوچستان، پنجاب جا علائقا شديد متاثر ٿيا. ??ور?? کي ٻڌايو ويو ته 33 ملين ماڻهو متاثر آهن جن ۾ 16 ملين ٻار شامل آهن، سندن زندگي بچائڻ لاءِ ??ور?? مدد جي شديد ضرورت آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب 1500 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جن ۾ 500 کان وڌيڪ ٻار پڻ شامل آهن. ??ور?? کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته متاثر ماڻهن جي کاڌي تي پڻ خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي خاص طور تي ٻارن جي خوراڪ ۽ ڳورهارين عورتن لاءِ سپليمنٽري خوراڪ ڇو ??و غذائيت جي کوٽ سبب صحت جي مسئلن جو خطرو آهي. ??ور?? کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيماريون ڦهلجڻ جو وڏو خطرو آهي. ??ور?? هدايت ڏني ته بيماريون ڦهلجڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻا پوندا. ??ور?? جنگي بنيادن تي گڏيل سروي ڪرن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن نقصان جو واضح اندازو لڳائي سگهجي ۽ سياري جي شروعات کان اڳ قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. ??ور?? هنگامي بنيادن تي انفراسٽرڪچ?? جي بحالي جي منصوبي جو پڻ جامع جائزو ورتو.