اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم?? ميڊيا جي تنظيمن سان ملاقات ۾ ٻن نقطن تي ڳا??هه ڪئي. هڪ اهو ته تمام وڏي پئماني تي ٻوڏ جي چئلينج ۾ اسان کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ان عزم جو اظهار ڪيو ته سموري ملڪي ۽ عالمي امداد ۽ معاونت جي آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان آڊٽ ڪرائي و??ند??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قوم?? ميڊيا جي تنظيمن سان هڪ پرجوش ملاقات هينئر ختم ٿي آهي جنهن ۾ انهن کي ٻوڏ جي ڪاٿي، ان جي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي تفصيلي ڳا??هه ٿي. هن چيو ته منهنجي انهن سان ڳا??هه ٻولهه جو م??ور ٻن بنيادي نقطن تي هو، هڪ اهو ته ان ٻوڏ جي ڪاٿي کي ڏسي اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي وقت آهي ته سياست کي هڪ طرف ڪري ٻوڏ متاثرين جي مدد اسان جي ترجيحن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو ٻيو نقطو اهو هو ته منهنجو عزم آهي ته مقامي ۽ عالمي سطح تي ملندڙ امداد ۽ معاونت جي آڊٽ آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان ڪرائي و??ند??.