اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي اقتصادي سلامتي سياسي اس??حڪام سان لاڳاپيل آهي، وقت جي ضرورت آهي ته سياسي قوتون ۽ سموريون لاڳاپيل ڌريون پنهنجي ننڍن ننڍن مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري ميثاق معيشت تي متفق ٿين، ادائيگين جي توازن جي ب??ران کي منهن ڏيڻ لاءِ روانگي واپار کي وڌائڻ ۽ درآمدات کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اتحادي حڪومت معيشت جي اس??حڪام لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجن مختلف ٽوئيٽس ۾ ڪيو، وز??راعظم ٽوئيٽ ۾ پري ب??يٽ ڪانفرنس کي پنهنجي خطاب جا اهم نقطا اجاگر ڪيا، وز??راعظم چي?? ته ميثاق معيشت تحت پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻو پوندو،وزيراعظم چي?? ته اس??ن وٽ بهترين انساني وسيلا، زرخيز زمينون ۽ ميدان آهن پر اس??ن کي بهتر حڪمت عملي ۽ ٺوس قدمن جي ذريعي عملدرآمد جي ضرورت آهي جيتوڻيڪ انهن منصوبن کي عملي جامو نه پارايو ويو جنهن جي ڪري لاڳت ۽ کين مڪمل ڪرڻ جي مدي ۾ اضافو ٿيو آهي، اس??ن کي ان دير تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چي?? ته پري ب??يٽ بزنس ڪانفرنس جي نقطن جي روشني ۾ مون آءِ ٽي، ايڪسپورٽ، زراعت، فنانس سيڪٽرز ۽ فوڊ سيڪيورٽي سان تعلق رکندڙ ماهرن ۽ پيشيوراڻي ماڻهن تي مشتمل مختلف ٽاسڪ فورسز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن تيزي سان عملدرآمد لاءِ تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي، وز??راعظم چي?? ته ادائيگين جي تعاون جي ب??ران کي منهن ڏيڻ لاءِ روانگي واپار کي وڌائڻ ۽ درآمدات کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، وز??راعظم چي?? ته هن ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ سرڪاري ۽ نجي حصيداري جي تجويز ڏني آهي، سرڪاري ۽ نجي حصيداري ب??بت نوان آئيڊياز سامهون ايندا، وز??راعظم چي?? ته اتحادي حڪومت معيشت جي اس??حڪام لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن، اس??ن پنهنجي سياست تي ان جي اثرن جي پرواهه نه ڪئي ڇ?? ته ايئن ڪرڻ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ آهي، ڪيستائين اس??ن قومي ذميدارين جي قيمت تي پنهنجي ننڍي ننڍن مفادن جو شڪار ٿيندا رهنداسين. وز??راعظم چي?? ته پنهنجي غير ملڪي دورن دوران هن پنهنجو وقت ۽ توانائي گذريل 4 سالن جي دوران دوست ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي پهچندڙ نقصان جي ازالي کي ٺيڪ ڪرڻ تي ڏنو. وز??راعظم چي?? ته آءِ ٽي، واپار، ناڻي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ گڏيل تعاون اس??ن جي ترجيح آهي، وز??راعظم چي?? ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي سعبي ۾ حيرت انگيز ترقي ٿي آهي، آءِ ٽي جي ب??آمدات وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، اس??ن آءِ ٽي جي شعبي جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي پاليسين تي ڌيان ڏينداسين. جيڪڏهن درست پاليسين تي عمل ڪيو وڃي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻن چئن سالن ۾ 15 ارب ڊالر تائين روانگي اوپار وڌائڻ جي صلاحيت آهي، وز??راعظم چي?? ته زمين هڪ محدود اثاثو آهي جتي هائوسنگ سوسائيٽون وڌي رهيون آهن، اس??ن زمين جي غير پيداواري اس??عمال جي حوصلا شڪني لاءِ قدم کڻنداسين. هن چي?? ته مون کي يقين آهي ته زراعت اس??ن جي معيشت جو رخ موڙي سگهي ٿي، پر ان لاءِ فعال پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. وز??راعظم چي?? ته قوم هن وقت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، مشڪل فيصلا حالتن موجب ضروري هئا، انشاءُ الله اس??ن انهن حالتن کان ٻاهر نڪري اينداسين، حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪفايت شعاري جا قدم کنيا آهن. وز??راعظم چي?? ته زراعت، واپار، صنعت، آءِ ٽي ۽ مالياتي ماهرن جي پري ب??يٽ بزنس ڪانفرنس ۾ فعال شرڪت ۽ تجويزن تي خصوصي ٿورو ادا ڪريان ٿو، هي ب??نس ڪانفرنس معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو هڪ بهترين پليٽ فامز آهي.