اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف سل??ان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ان جاري بيان موجب سل??ان صوفي رضاڪار??ڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سل??ان صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيترائي عوام دو??ت منصوبا متعارف ڪرايا آهن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، سل??ان صوفي کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪي?? ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄ??ڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.