اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ??لن??يان سان شيخ خليفه زيد بن ??لن??يان جي لاڏاڻي تي تع??يت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زيد ??لن??يان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد ??لن??يان سان تع??يت ڪئي. تع??يتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير افضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تع??يت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زيد ??لن??يان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تا??ين ياد رکندي. گڏيل عرب امارات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تا??ين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سر??گو?? رهندو.