اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سا?? پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سا??م الزابي ملاقات ڪئي. گڏيل عرب امارات جي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان سا?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ يو اي اي جي قيادت سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم رڳو 50 سا??ن جي عرصي ۾ ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ??ي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر، غذائي تحفظ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سميت اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ سدائين خاص لاڳاپا رهيا آهن جن جو بنياد گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ جاگراف??ائ?? ويجهڙائپ تي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پڻ ويجها رابطا آهن. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اعليٰ سطحي رابطن سا?? ٻطرفي تعاون کي سگهه ملي ٿي.