اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف ڄمي بيٺل آه??، چ??رن ۽ ڦورئن جي خلاف جدوجهد جاري آه??، اهو سلسلو منطقي انجام تي پهچندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آه??، ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ، لوٽا ڪريسي کي ريگولرائيز ڪرڻ جي ڪوشش ۽ چونڊيل حڪومت جي خلاف سازش تي سپريم ڪورٽ کان تشريح گهري وئي آه??، سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو، اهو عوام جي سامهون رکنداسين، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي خلاف جيتريون سازشون مخالف ڌر ڪيون ايتريون ڀارت ۽ اسرائيل ناهن ڪيون، ن ليگ جو ميڊيا سال پي ٽي آءِ جي ڊي پيز ٺاهي فوج جي خلاف مهم هلائي رهيو آه??، فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون وجهڻ جي ن ليگ جي اهڙي سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي?? ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ پارلياماني م??املن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به موجود هئا. چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آه??، صدارتي ريفرنس تي به ڳالهه ٿي آه??، آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آه??، سپريم ڪورٽ کي چيو ويو آه?? ته موجوده حالتن ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح ڪئي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي آئين تحت ضمير فروشي، لوٽآ ڪريسي، ووٽ وڪرو ڪرڻ جي اجازت آه?? يا نه. سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو اهو عوام جي سامهون رکنداسين، هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت مافياز جي خلاف ڄمي بيٺل آه??، اسا?? کي پهرين ڏينهن کان پتو هو ته مافياز جي خلاف قدمن تي اسان جي خلاف سازشون ٿينديون، ڌاڙيل?? کي ختم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو، اهو پهريون موقعو ناهي ته عمران خان ان طرح جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آه??، عمران خان زندگي ۾ سدائين وڏا چئلينج ورتا آه??، موجوده چئلينجز کي به انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو. هن چيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 تي نه ٿيو ته 25 تي ٿي ويندو?? ان ۾ ڪهڙي قيامت اچي ويندي، هن چيو ته موجوده مخالف ڌر او آءِ سي جي خلاف جيتري مهم هلائي ايتري ڀارت ۽ اسرائيل به نه ڪئي، جيڪي م??ڻهو اٿي بيهي چوندا آه?? ته او آءِ سي ڪانفرنس ڪري ڏيکاريو?? انه?? کي شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ اسلام جي نالي تي ووٽ ورتو پر هن اسلام لاءِ ڪهڙي خدمت ڪئي، وفاقي وزير چيو ته عمران خان دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف مهم شروع ڪئي ناموس رسالت ﷺ تي پهرو ڏنو، عمران خان پاڪستان ۾ اسلامي فلاحي مملڪت لاءِ اڳتي وڌي رهيو آه??، هن چيو ته مخالف ڌر جي م??صوم ليڊر اسلامي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلامي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي تاريخ هڪ سال پهرين طئي ٿي?? ان جي حتمي تاريخ جو اعلان به 6 کان 8 مهينا پهرين ٿيو، مخالف ڌر پنهنجي قرارداد 10 ڏينهن کانپوءِ جمع ڪرائي ها ته ڪهڙي قيامت اچي ها، هن چيو ته مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون پاڪستان جي مفاد?? کي نقصان پهچائڻ لاءِ آه??، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان، مولانا فضل الرحمان ۽ ان جي نام نهاد اتحاد جي خلاف ڄمي بيٺل آه??، هن چيو ته اسان باغي ميمبر?? کي ست ڏينهن موقعو ڏنو آه?? اهي واپس اچي وڃن، جيڪڏهن واپس نٿا اچن ته تاحيات نااهلي ٿيندي، اهڙا ميمبر پنهنجي ٻار?? کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه هوندا. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي قرارداد تحت ٽن ڏينهن لاءِ قومي اسيمبلي هال اسلامي سربراهي ڪانفرنس کي ڏنو ويو آه???? ان تي م??الفت ڌر جي م??الفت قابل مذمت آه??، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مخالف ڌر جي هر ڳالهه مڃيندو رهي ته ٺيڪ آه??، وفاقي وزير چيو ته ن ليگ جو ميڊيا سيل پي ٽي آءِ جي ڊي پيز ٺاهي فوج جي خلاف مهم هلائي رهيو آه??، فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون وجهڻ لاءِ ن ليگ جي اهڙي سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. عمران خان جي حڪومت ۽ پاڪستاني فوج ملڪ جي استحڪام جون آئينه دار آه??، فوج حڪومت جي پويان بيٺل آه??.