اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي عظيم ڪاميابي آهي جو ان کي رڳو ٽن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا بحث هي?? آهن، شرڪت ڪندڙن جون تقريرون جاري آهن، پاڪستان جي هر شخص کي فخر هجڻ گهرجي ته اڄ پاڪستان مسلمان امت جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفر??س جاري آهي، ڪانفرنس ۾ اٽڪل 32 پرڏيهي وزير ۽ 700 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ نمائندا اسان جي سياسي حالتن کي نظرانداز ڪري آيا آهن جيڪي پاڪستان جي لاءِ عزت جو سبب آ??ي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير مخالف ڌر پارٽين خاص طور تي انهن ماڻهن جن ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ڪاميابي سان جاري آهي.