اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ زرداري پاڪستان ۾ ڪرپشن جون تصويرون آهن، ڦرلٽ جا اهي ٻه وڏا سوداگر رات جو گڏ ٿيا، رات جي ملاقاتن ۾ اهو طئي ٿيو ته هارس ٽريڊنگ جي لاءِ انهن کي ڪيترا ڪيترا پئسا وجهڻا آهن، اسان جي ٽن اسيمبلي ميمبرن ??ي عدم اعتماد جي ??ٿ جي لاءِ پئسن جي ??فر ڪئي وئي جيڪو شرمناڪ رويو آهي، ٻئي پارٽيون ملڪ ۾ هارس ٽريڊنگ ٻيهر آڻڻ چاهين ٿيون جيڪو اسان ٿيڻ نه ڏينداسين، مخالف ڌر کي چئلينج آهي ته اهي ا??ندڙ 24 ڪلاڪن ۾ عدم اعتماد جي ??ٿ کڻي اچن، انهن کي خبر پئجي ويندي، وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو اهميت اختيار ڪري ويو آهي، دنيا جون نظرون صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان جي ملاقات تي آهن، سمورين مشڪلاتن جي ??اوجود اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، ايندڙ هفتي عوام کي ريليف جي ??را??مي لاءِ وڌيڪ پئڪيجز آڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي ??ينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ??جلاس ۾ روس جي ??وري جي ??والي سان پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ??ڀاڻي صدر پيوٽن سان ملاقات ٿيندي. هن چيو ته 23 سالن کانپوءِ پاڪستان مان ڪو وزيراعظم روس جي ??وري تي روانو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عالمي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم جو روس جو دورو اهميت اختيار ڪري ويو آهي، دنيا جون نظرون صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان جي ملاقات تي آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن روس جي ٽي وي چينل ”آر ٽي“ کي ڏنل پنهنجي ا??ٽرويو ۾ پنهنجي پرڏيهي پاليسي جا مقصد واضح ڪيا هئا، وزيراعظم واضح ڪيو هو ته اسان قطعي طور تي ڪنهن گروپ جو حصو نه ٿا بڻجڻ چاهيون ٿا، نه ئي ا??ا اسان جي پاليسي هوندي، اسان پنهنجي ??زاداڻي پرڏيهي پاليسي برقرار رکنداسين. هن چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي ??المي ڪردار کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو، اسان جو موقف بلڪل صحيح نڪتو، جڏهن اشرف غني ا??تدار ۾ هو ته اسان کيس بار بار چيو ته هن وقت چونڊن کي ڇڏي ٺوس حڪومت طرف وڃي، اشرف غني کي باور ڪرايو هو ته جيڪڏهن هن صورتحال ٺيڪ نه ڪئي ته هو وڌيڪ دير نه هلي سگهندو، ان کانپوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي، ان ۾ اسان چئي رهيا آهيون ته افغانستان جي ??وام جو فڪر ڪيو وڃي، غذائي ۽ معاشي بحران ۾ انهن کي سهارو ڏيڻ جي ??رورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تيل جون قيمتون به تاريخ جي ??لند ترين سطح تي پهچي ويون آهن، پوري دنيا ان کان متاثر ٿي رهي آهي، روس ۽ يوڪرين ۾ ڇڪتاڻ آهي، چاليهه سيڪڙو کان وڌيڪ ڪڻڪ روس ۽ يوڪرين ۾ پيدا ٿئي ٿي، جيڪڏهن اهو بحران وڌي ٿو ته دنيا ۾ غذائي بحران جنم وٺي سگهي ٿو. روس ۽ يوڪرين جي ??والي سان احتياط سان قدم کڻڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم به چيو آهي ته اسان متوازن پرڏيهي پاليسي کڻي هلنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي چين جي ??وري جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا جي ??والي سان پاڪستان جي ??ڪمت عملي کي پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي، بل گيٽس جهڙن ماڻهن جو ملڪ ۾ اچڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي وزيراعظم عمران خان ۽ هڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ساراهيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ??ينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ??جلاس ۾ مخالف ڌر جي ??دم اعتماد جي ??ٿ تي پڻ غور ٿيو. هن چيو ته اسان جي ٽن اسيمبلي ميمبرن ۾ هڪ اقليتي ميمبر ۽ هڪ عورت ميمبر به شامل آهن، انهن رپورٽ ڪيو آهي ته انهن کي عدم اعتماد جي لاءِ پئسن جي ??فر ڪئي وئي آهي، اهو هڪ شرمناڪ رويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جا ٻه وڏا سوداگر رات گڏ ٿيا، هڪ جي ??لاف مني لانڊرنگ جو ڪيس لاهور ۾ ۽ ٻئي جي ??لاف ڪراچي ۾ هلي رهيو آهي. زرداري ۽ شهباز شريف پاڪستان ۾ ڪرپشن جون تصويرون آهن، اسان جي ا??م اين ايز جي ??پورٽ کي ڏٺو وڃي ته ان مان ظاهر آهي ته انهن جي ??ات جي ملاقات ۾ اهو طئي ٿيو ته ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي لاءِ اهي ڪيترا ڪيترا پئسا وجهندا. هن چيو ته شهباز شريف جا ڪيس روزاني جي ??نياد تي هلڻ شروع ٿي ويا ته شهباز شريف جيل ۾ هوندو، اها ئي صورتحال آصف علي زرداري جي ??هي. هن چيو ته ٻنهي عدالتن ۾ سرٽيفڪيٽس ڏنا آهن ته اسان بيمار آهيون ۽ اهي راتين جو ملاقاتون ڪري رهيا آهن ۽ اهو بحث ڪري رهيا آهن ته ماڻهو خريد ڪرڻ جي لاءِ توهان ڪيترا پئسا وجهندا ۽ اسان ڪيترا پئسا وجهنداسين. هن چيو ته هارس ٽريڊنگ جي وڏي مشڪل سان پاڪستان ۾ خاتمي جي ا??يد پيدا ٿي هئي پر هي ٻئي پارٽيون گڏجي ا?? کي ٻيهر واپس آڻڻ چاهين ٿيون جيڪو اسان ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پنهنجي چونڊيل ميمبرن ??ي سلام پيش ڪريون ٿا ته انهن سمورن معاملن کان پارٽي ليڊرشپ کي آگاهه رکيو. هن چيو ته اڃا تائين مخالف ڌر جي ??رئت ناهي ٿي ته اهي عدم اعتماد جي ??ٿ آڻي سگهن، مون اڳ ۾ به چيو هو ته انهن ۾ جرئت آهي ته سڀاڻي ئي عدم اعتماد جي ??ٿ کڻي اچن. مخالف ڌر کي چئلينج آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ عدم اعتماد جي ??ٿ کڻي اچن ته انهن کي خبر پئجي ويندي ته انهن سان ڇا ٿو ٿئي. هن چيو ته اسان ايندڙ چونڊن جي ??ياري ڪري رهيا آهيون، اڄ پنجاب جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، پهرين مرحلي ۾ ڊسٽرڪٽ ميئرز جي ا??يدوارن ??ان درخواستون طلب ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته حڪومت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، سمورين مشڪلاتن جي ??اوجود اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، ايندڙ هفتي عوام کي ريليف جي ??را??مي لاءِ وڌيڪ پئڪيجز آڻي رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جون تياريون عروج تي آهن. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته جيڪا به قانونسازي ٿي آهي ا??ارني جنرل صاحب جي ڄاڻ ۾ هئي. هن چيو ته الزام بازي جون اسلامي قانونن ۾ سزائون آهن، بحث اهو ٿيڻ گهرجي ??ه قانونن جي ??لط استعمال کي ڪيئن روڪيو وڃي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مريم نواز گهٻرايل آهي، مريم اورنگزيب جو بيان شهباز شريف ۽ نواز شريف جي منظوري سان آيو آهي، نواز شريف سدائين فوج کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.