اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گ??گت بلتس??ان ۾ سياحت جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت عالمي سياحت ۽ ونٽر راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتس??ان جي وڏي وزير خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ??ذريل ٽن سالن ۾ مقامي سياحت کي فروغ مليو آهي. حڪومت گلگت بلتس??ان ۾ سياحن کي عالمي معيار جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين ۽ سياحت بابت خاص مددگار اعظم جميل به موجود هئا. ملاقات ۾ گلگت بلتس??ان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ منصوبن ۽ گلگت بلتس??ان ويزن 2050ع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي.