بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سا?? ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سا?? ??ڏو??ڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود ق??يش?? چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي نوعيت جي آهي. ه?? چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حصيدار جي حيثيت سا?? ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يش?? ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ سميت سدائي?? چين جي بنيادي قومي مفادن جي حمايت ڪئي آهي. ه?? چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۽ چين ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. سي پيڪ جي حوالي سا?? شاهه محمود ق??يش?? چيو ته سي پيڪ، بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئي جو اعليٰ معياري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ر??يا آهن.