اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سموريون عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون پاڪستان جي معيشت ۾ واڌ جو اعتراف ڪري رهيون آهن، مسلم ليگ (ن) پنهجي حڪومت جي آخري ??ال واڌ جي شرح 5.4 سيڪڙو ڏيکارڻ جي لاءِ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا اڌ ڪيا، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر ۽ گردشي قرض 450 ارب ??وپ??ن تائين وڌايو، ضياءُ الحق کي پنهنجو والد چوڻ وارا ان جي دور جو حساب ڏين. قومي اسيمبلي ۾ احسن اقبال جي اعتراض واري نقطي تي جواب ۾ حماد اظهار چيو ته هي پارليامينٽ سڀني کان وڏو فورم آهي، مخالف ڌر جي مباحثي جي چئلينج جو جواب انهي فورم تي دليلن سان ڏئي سگهون ٿا، هن چيو ته جڏهن مخالف ڌر وٽ دليل ختم ٿي ويندا آهن ته هو هتي رٽيل تقريرون ٻڌائيندي آهي، اسان ڪووڊ -19 جي وبا جي باوجود معيشت جي واڌ جي شرح کي 5.37 سيڪڙو تائين پهچايو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو واپاري خسارو ڇڏيو، سرڪلر ڊيٽ 450 ارب ??وپ??ن تائين وٺي وئي، ٻاهريان قرض کڻي هنن گروٿ 5.4 سيڪڙو ڏيکاري، انهن جي حڪومت ۾ شامل ماڻهو اهو چوندا هئا ته معيشت ان مقام تي پهچي چڪي آهي ته ايندڙ حڪومتون ان کي سنڀالي نه سگهندا. هن چيو ته اسان جي حڪومت 2 ارب ڊالر ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي اسان 5.37 سيڪڙو واڌ تي پهتا آهيون ۽ هن ??ال ان ۾ به اضافو ٿيندو، اسان جي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذّخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پوري دنيا جي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون اسان جي معاشي واڌ جو اعتراف ڪري رهيون آهن، اڪانومسٽ پاڪستان جي معيشت کي دنيا جي ٽن وڏين معيشتن ۾ شامل ڪيو آهي، هن چيو ته هتي آمرن جي دور جو جواب نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي جڏهن ته انهن مان جنرل ضياءُ الحق جي دور کي ڪڍيو ويو، ان کي پنهنجو والد چوڻ وارا ان جي دور جو جواب ڏين، ان کان اڳ احسن اقبال اعتراض واري نقطي تي چيو ته مل?? ۾ صدارتي نظ??م جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اسان آئين جو تحفظ ڪنداسين، پارلياماني نظام حڪومت ۾ حڪومتون عوام ۽ پارليامينٽ کي جوابده آهن جڏهن ته صدارتي نظام ڪنهن طور تي عو??م جي مفاد ۾ نه آهي، ان معاملي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي، هن چيو ته ٻيون قومون جمهوري تسلسل جي ڪري ترقي ڪئي جڏهن ته اسان مختلف تجربن سان پنهنجو نقصان ڪيو، سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي ترقي جو واحد رستو آئين جي عملداري آهي، ڪو فرد يا ادارو ايترو طاقتور نه آهي ته هو اڪيلو مل?? کي بحران مان ڪڍي سگهي، ان جي لاءِ اجت??اع?? ڪوششن ۽ جامع گورننس جي ضرورت آهي، پارلياماني نظام ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر اختلاف راءِ باوجود ٻه ڦيٿا بڻجي مل?? کي هلائيندا آهن، اسان کي آئين جي ڏنل روح موجب هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.