استنبول – 10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ا??پي??ر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي ا??پي??ر استنبول ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ( پي يو آءِ سي) جي 16 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي ڊپٽي ا??پي??ر سان ٿيندڙ سائيڊ لائين گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي ا??پي??ر قاسم خان سوري ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ??ي وچ ۾ رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن ??ي ويجهو آڻڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي شعبن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڊپٽي ا??پي??ر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ هنرمند افرادي قوت موجود آهي جيڪا قطر ۾ منعقد فيفا ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ بهرين خدمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. قطر جي ڊپٽي ا??پي??ر چيو ته پاڪستان اسلامي دنيا جو هڪ اهم ملڪ اهي ۽ قطر پاڪستان سان پنهن??ي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ا??پي??ر قاسم خان سوري جي ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ا??پي??ر کانسواءِ سينيٽ?? رانا مقبول احمد ۽ ترڪي ۾ پاڪستاني سفير محمد سائرس سجاد قاضي به موجود هئا.