اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بدعنوا??ي جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سخت قانون، انهن تي عملدرآمد، فوري انصاف، معاشري جي بدعنوا??ي جي خلاف عدم برداشت، خدا خوفي ۽ ميڊيا جي ذريعي آگاهي سان بدعنواني تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ملڪ مان بدعنوا??ي جي ??ات??ي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنوا??ي جي ??ات??ي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ”ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان قوم جو فخر“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بدعنوا??ي جي خلاف نيب آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ ڪوششن کي ساراهيون ٿا. نيب آفيسر ڪردار جي پختگي سان بدعنوا??ي جي ??ات??ي لاءِ ڪوششون ڪندا رهن. هن چيو ته 6 عملن سان بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. بدعنوا??ي جي روڪٿام لاءِ قانونسازي سان گڏ قانونن تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. صدر چيو ته انصاف جي نظام ۾ بهتري ۽ عدالتن ۾ تيزي سان انصاف جي فراهمي سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته انسان ۾ خدا جو خوف ڏوهه ۽ بي ايماني کان روڪيندو آهي، اسلامي تاريخ ۾ به امانتداري جي تلقين ??ئي وئ?? آهي ۽ اهو اسلام جو بنيادي پيغام به آهي. اهڙي طرح معاشري کي به بدعنواني کان روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻ گهرجي. معاشري جي تنقيد ۽ دٻاءُ سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. معاشري کي بدعنواني خلاف عدم برداشت جو رويو اختيار ڪ??ڻ گهرجي.
صدر چيو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيمز جي جاچ ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، بدعنوا??ي جي ??ات??ي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، اسلام ۾ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ وارا ٻنهي کي جهنمي قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته بدعنواني کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا عوام کي آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته نيب بدعنوان عنصرن کان 821 ارب روپيا وصول ڪيا آهن جيڪا نمايان ڪارڪردگي آهي تنهن هوندي به بدعنواني روڪڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بدعنواني ۾ مسلسل اضافو ٿيو، مختلف طريقن سان مني لانڊرنگ ڪئي وئ??، ڪجهه ملڪن چوري ۽ مني لانڊرنگ جي پئسي مان ڪاروبار ڪرڻ جي سهولت ڏني، پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن مان لُٽيل دولت ڪجهه ترقي يافته ملڪن جي بئنڪن ۾ جمع ڪرائي وئ??.